ڪورنگي ۾ پوليو ورڪرز ۽ پوليس تي بيلچن سان تشدد: پٿراءُ: 4 زخمي: 6 سوگها

ڊسمبر 21, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪورنگي ۾ پوليو ورڪرز ۽ پوليس  تي تشدد، پٿراءُ، 4 زخمي، 4عورتن سوڌو 6 ڄـڻا گرفتار، ان ڏس ۾ رينجرز گرائونڊ وٽ پوليو ڦڙا پيارڻ ويل ٽيم تي شهرين حملو ڪري ڏنو، مڇريل ماڻهن پوليو ٽيم کي بيلچن سان تشدد جو نشانو بڻايو، کانئن موبائل فون به کسي ورتا. تشدد ۾ 2 پوليو ورڪر ۽ 2 سپاهي زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي ڪورنگي ڪامران خان ٻڌايو ته  رينجرز گرائونڊ ويجهو ڪچي آبادي ۾ پوليو  جا ڦڙِا پيارڻ  دوران هڪ قبيلائي فيملي پوليو ٽيم ۽ پوليس تي تشدد ڪيو، اطلاع تي پوليس جي وڌيڪ نفري پهتي ته پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، پوليس ڪاروائي ڪندي چئن عورتن سوڌو 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ ثمينا، مهه جبين، آمنه، اقرا، گل عمران ۽ سفيان شامل آهن، مٿن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

خليفو قاسم جي ڳوٺاڻن پوليو ٽيم کي موٽائي ڇڏيو

خليفو قاسم(ن پ ا) خليفو قاسم لڳ يونين ڪائونسل خليفو قاسم جي ڳوٺ محمد خان لغاري جي سوين ڳوٺاڻن پاران ھڪ ڪلو ميٽر سم نالو نه ملڻ خلاف پوليو مھم جو چوٿون ڀيرو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، مختيار ڪار ٽنڊو باگو، ڊي ايس پي ٽنڊو باگو پوليس جا وڏا اٽالا وٺي ڳوٺ احمد خان لغاري ۾ زوري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪري پوليس اٽالن کي به واپس روانو ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته آپباشي جي وزير ڄام خان شورو طرفان سم نالي جي منظوري ڏيڻ باوجود سم نالو نٿو ڏنو وڃي، ھنن چيو ته سم نالو نه ملڻ تائين بائيڪاٽ جاري رھندو.

تيل ڪمپني کان حق ڏياريو: دادو واسين پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ

دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي دڙو روڊ تي محمد صديق جمالي ۽ حسين جمالي پاران احتجاجن پنهنجي خاندان جي 8 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ، پوليو ٽيمون حسين جمالي وٽ پهچي ويون ، جن کي هنن واپس ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن کانپوء اسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ پوليو ٽيمن سميت محمد صديق ۽ حسين جمالي وٽ پهچي کين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاء چيو پر محمد صديق وارن اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ساڻس گڏ آيل پوليو ٽيمن کي واپس ڪري ڇڏيو آهي ۽ چتاء ڏنو آهي ته جيسيتائين او پي پي ايل تيل ، گئس ڪمپني کان حق نه ڏياريا ويندا ، تيسيتائين هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ نه پيارينداسين ، ڊي سي دادو به اسان واعدو ڪيو هو ، ان جي باوجود ڪمپني کان زمين جو رهيل معاوضو ناهي ڏياريو

Leave A Comment