ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، فوٽيجز هٿ

ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، فوٽيجز هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، الله والا ٽائون ۾ پيش آيل واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي وئي آهي، وڊيو موجب هٿياربند ڦورو 17 ورهين جي نوجوان عباس کان موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جڏهن ته نوجوان سخت مزاحمت ڪري ٿو. ان دوران پهرين فائرنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڀرپاسي جا ڪجهه ماڻهو به واقعي واري هنڌ گڏ ٿين ٿا، پر نوجوان مزاحمت جاري رکي ٿو، جوابدار نيٺ موٽر سائيڪل کڻي ڪجهه فاصلي تائين وڃن ٿا، جنهن بعد عباس پٿر کڻي سندن پٺيان وڃي حملو ڪري ٿو. وڊيو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جوابدار رڪجي وڃن ٿا ۽ نوجوان ٻيهر سندن ويجهو پهچي ٿو، جنهن تي هٿياربند ٻيهر فائرنگ ڪن ٿا. گولي لڳڻ سبب عباس زمين تي ڪري پوي ٿو، واقعي کانپوءِ جوابدار پيدل فرار ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ڪجهه شهري سندن پٺيان ڊوڙندا نظر اچن ٿا. زخمي نوجوان کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.