تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ڪورونا وائرس چمڙيءَ تي نون ڪلاڪن تائين زنده رهي ٿو … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

جاپان ۾ ڪيل تازي کوجنا کانپوءِ ڄاڻ پيئي آهي ته ڪورونا جو وائرس، انساني چمڙيءَ تي 9 ڪلاڪن جيتري ڊگهي عرصي تائين زنده رهي سگهي ٿو بنست فلوءَ جي وائرس (IAV) جي جيڪو رڳو 2 ڪلاڪن تائين زنده رهي ٿو.خوشقسمتيءَ سان ٻنهي قسمن جي وائرسن کي چمڙيءَ تان هئنڊ سينسيٽائزر رستي ترت ختم ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري هٿن ڌوئڻ يا سينسيٽائيزر استعمال ڪرڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو ته جيئن ڪووڊ ـ 19 جي ڦهلاءَ کي اثرائتي طريقي سان روڪي سگهجي.هن اڀياس مان ان ڳالهه جي هڪ ڀيرو وري تصديق ٿئي ٿي ته سارس ڪووڊ وائرس ـ 2 ۾ لاڳاپن رستي ڦهلجڻ جا گھڻا خطرا ٿي سگهن ٿا بنسبت فلوءَ جي وائرس جي، جنهن جي ڀيٽ ۾ سارس جو وائرس انساني چمڙيءَ تي جٽادار ٿئي ٿو. اها کوجنا تازو، ‘ڪلينيڪل انفيڪشس ڊزيز’ رسالي ۾ شايع ٿي آهي، تنهنڪري هن وائرس کان بچڻ ۽ ان جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ پنهنجن هٿن جي صحت صفائي رکڻ ضروري سمجهي وڃي ٿي.
ان کان اڳ ۾ امريڪا ۾ ڪيل سائنسدانن جي ڇنڊڇاڻ مطابق سارس ڪووڊ وائرس ـ2 ٽامي جي مٿاڇري تي 4 ڪلاڪن، پاٺي تي 24 ڪلاڪن ۽ پلاسٽڪ ۽ اسٽينليس اسٽيل جي مٿاڇري تي 72 ڪلاڪن تائين زنده رهي سگهي ٿو. جڏهن ته اخلاقي طور تي اهڙا تجربا ڪري ڏسڻ ته هي وائرس ڪنهن انساني چمڙيءَ تي ڪيترو عرصو زنده رهي سگهي ٿو، وڌيڪ پيچيده سمجهيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، ماڻهن جي چمڙيءَ لاءِ هن قسم جي خطرناڪ وائرس لاءِ استعمال ڪري نٿو سگهجي. تنهنڪري هن قسم جي نئين اڀياس ۾ جپان جي ‘ڪيوتو يونيورسٽي پريفيڪچوريل يونيورسٽي آف ميڊيسن’ جي سائنسدانن، پوسٽ مارٽم ٿيندڙن ماڻهن جي چمڙيءَ جا ڪجهه نمونا گڏ ڪري انهن تي تجربا ڪيا. چمڙيءَ جا نمونا ماڻهن جي مرڻ کان اٽڪل هڪ ڏينهن پوءِ گڏ ڪيا ويا. جنهن مان سائنسدانن ڏٺو ته ماڻهن جي مرڻ کان 24 ڪلاڪ پوءِ به انساني چمڙي، پيوند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي جنهن جي ٻين لفظن ۾ معنيٰ ٿي ته، اهڙي چمڙي مرڻ کانپوءِ به ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو ڪارج برقرار رکي سگهي ٿي. تنهنڪري هن قسم جي تجربن لاءِ انساني چمڙيءَ جا نمونا موزون ٿي سگهن ٿا.
سائنسدانن کي اهڙيءَ چمڙيءَ جا نمونا استعمال ڪرڻ سان ڄاڻ پيئي ته، انهن تي ڪووڊ وائرس 9.4 ڪلاڪن تائين زنده رهي سگهي ٿو بنسبت فلوءَ جي (اَي وائرس) جيڪو 1.82 ڪلاڪ زنده رهي ٿو. جڏهن انهن وائرسن کي بلغم سان ملايو ويو ته جيئن انهن جي کنگهڻ يا نشن ڏيڻ رستي ڦهلاءَ کي گھٽائي سگهجي ته سارس ڪووڊ وائرس ـ 2 اڃان به هڪ ڊگهي عرصي، اٽڪل 11 ڪلاڪن تائين زنده رهي سگهيا. جڏهن ته ٻنهي قسمن جي وائرسن کي هئنڊ سينسيٽائزر رستي 15 سيڪنڊن اندر ختم ڪيو ويو جيڪو 80 سيڪڙو اٿنول (ethanol، عام الڪوحل/ ايٿائيل الڪوحل/ ريڪٽيفائيڊ اسپرٽ نالن سان سڏجي، شراب ۽ ڪيترن مشروبن ۾ استعمال ٿئي ٿو) ٿئي ٿو.هن وائرس تي تحقيق ڪندڙن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هٿن جي درست طريقي سان صفائي رکڻ سان وائرس (ڪووڊ) ترت ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته انهن جي پکڙجڻ جو گھڻو خطرو گھٽجي وڃي.
(‘لائيو سائنس’ جي ٿورن سان)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *