تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪورونا وائرس ۽ گريٽ بئرنگٽن پڌرنامون … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

گريٽ بئرنگٽن پڌرنامون (Great Barrington Declaration) ڇا آهي؟ هي پڌرنامون چوي ٿو ته، نوجوانن کي پنهنجيون مڪمل معاشي سرگرميون وري شروع ڪرڻ گهرجن ته پيرسنن ۽ حساس فردن کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي رهڻ گهرجي. تازو، نيويارڪ ٽائيمس پنهنجيءُ هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته، وائيٽ هائوس، هڪ پاسي کان سائنسدانن جي هڪ ٽيم جي ان پٽيشن کي اختيار ڪيو آهي جيڪا ‘هرڊ اميونٽيءَ’ (herd immunity) جي حڪمت عملين جي پٺڀرائي ڪرڻ جي تضاد ۾ آهي ته ٻئي پاسي کان لاڪ ڊائون ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿي. گريٽ بئرنگٽن پڌرنامون ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ته ڪووڊ ـ 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي چڱي خاصي انگ کي آزاد ڇڏڻ گهرجي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته، تقريبن سڀ ڌنڌا ڌاڙي شروع ڪرڻ ۽ تنظيمن کي وري پنهنجو ڪم جاري ڪرڻ گهرجي: اسڪول ۽ يونيورسٽيون کولڻ گهرجن ته جيئن استاد پاڻ پڙهائي سگهن. غيرنصابي مشغوليون جهڙوڪ رانديون رونديون شروع ڪرڻ گهرجن. نوجوانن ۽ گھٽ خطري ۾ رهندڙن جوان فردن کي گهرن مان ڪم ويهي ڪم ڪرڻ بدران عام رواجي طريقي سان ڪم ڪار ڪرڻ گهرجن. هوٽل، ريسٽورينٽ ۽ ٻيا ڪاروبار کولڻ گهرجن. آرٽ، موسيقي، رانديون ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪرڻ گهرجن. نوجوانن کي پنهنجين زندگين جون سرگرميون شروع ڪرڻ گهرجن: پڌرنامي ۾ اها ڳالهه به ڪئي ويئي آهي ته منجهن ڪووڊ ـ 19 جي گھٽ سنگين اثرن پيدا ٿيڻ جا موقعا هجڻ سبب، پنهنجي زندگيءَ جا عام رواجي ڪم ڪاريون، عالمي وبا کان اڳ واري طريقي جيان وري شروع ڪرڻ گهرجن، کين پنهنجا هٿ باقاعدگيءَ سان ڌوئي صاف ڪرڻ گهرجن، بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ گهر ۾ رهڻ گهرجي ۽ کين دنيا جي معاشي سرگرمين ۾ وري حصو وٺڻ گهرجي. پيرسنن ۽ حساس ماڻهن کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي رهڻ گهرجي ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي هڪ ٻئي کان ميل ملاقات جي حوالي سان سماجي دوري برقرار رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي بچاءَ جا ٻيا طور طريقا جهڙوڪ محدود لاڳاپا رکڻ گهرجن.
   ان جو مقصد آهي ته جيئن، هن بيماريءَ خلاف اجتماعي تحفظ حاصل ڪري سگهجي. اهو هڪ اهڙو ماٺيڻو طريقو آهن جنهن رستي “اجتمائي تحفظ” حاصل ڪرڻ لاءِ خطرن ۽ فائدن کي توازن ۾ رکي سگهجي ٿو، پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، اهي فرد جيڪي مرڻ جي گھٽ ۾گھٽ خطري ۾ آهن اهي قدرتي چونڊ واري طريقي سان وائرس لاءِ پنهنجي اميونٽي (قوت مدافعت) پيدا ڪري پنهنجيون زندگيون عام رواجي طريقي سان گذاري سگهندا ته وڌ ۾ وڌ خطري ۾ رهندڙ پنهنجو بهتر طريقي سان تحفظ ڪري سگهندا.ان سان هڪ وڏو مسئلو هي آهي ته، جيئن نيويارڪ ٽائيمس نشاندهي ڪئي آهي ته اجتمائي مدافعت اڃان ڪوهين پري آهي، ان سلسلي ۾ مثال ڏيندي ٻڌايو آهي ته اميريڪا جا 90 سيڪڙو ماڻهو اڃان به بيماريءَ جي خطري ۾ آهن، جنهن سبب اجتمائي تحفظ جو مستقل قريب  ۾ پيدا ٿيڻ اڃان تائين هڪ خواب خيال سمجهيو وڃي ٿو. ان پڌرنامي پٺيان ڪهڙا هٿ آهن؟ اميريڪن انسٽيٽوٽ آف اڪنامڪ ريسرچ جا اڳواڻ بقول، نيورياڪ ٽائيمس جي، صدر ٽرمف جو متضاد سائنسي صلاحڪار ڊاڪٽر اسڪاٽ الٽاس، ان مسودي جو هڪ مکيو ليکڪ آهي.
ان معاهي کي قومي سطح تي اختيار ڪرڻ سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن هر ماڻهو کي ان معاهدي مطابق ان ڳالهه تي راضي ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي زندگيءَ جا عام رواجي ڪم ڪار، وهنوار، معاشي سرگرميون وغيره هن وبائي بيماريءَ کان اڳ واري دور جيان وري جاري ساري ڪري سگهن ته ائين ڪرڻ سان اهي پنهنجيون زندگيون ڄڻ ته ماحول جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندا. نتيجي ۾ وائرس هفتن اندر زور وٺي، ممڪن آهي ته لکين فردن کي متاثر ڪري ته هزارن کي موت جو منهن ڏيکاري سگهي، جنهن سان هڪ ڀيرو وري معاشي حالتون ڊانواڊول ٿي وينديون، جنهن جو ڪارڻ وائرس جو اڳي جيان هڪ دفعو وري عام جام ڦهلجڻ هوندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *