ڪوريائي ريسٽورنٽ ماڻهن کي ڪيڙيون کارائي ڇڏيون

ڪوريائي ريسٽورنٽ ماڻهن کي ڪيڙيون کارائي ڇڏيون

سيئول (انٽريسٽنگ نيوز) ڇا توهان ڪيڙين (ڪِوِلين) سان ڀريل ڊش کائيندئو؟ ڏکڻ ڪوريا ۾، هڪ ريسٽورنٽ جي انتظاميا ماڻهن کي اهڙي ڊش کارائڻ جو سوچيو. مشهور ڏکڻ ڪوريائي ريسٽورنٽ جي مالڪ کي ان لاءِ جيل جي هو کائڻي پئجي سگهي ٿي. هن ريسٽورنٽ ۾ کاڌن جي چوٽي کي سينگارڻ لاءِ ڪيڙين کي استعمال ڪيو ويندو هو. پر ڏکڻ ڪوريا جو قانون ڪيڙين کي انساني کاڌي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ هاڻي ريسٽورنٽ جي انتظاميا تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پراسيڪيوشن عدالت کي درخواست ڪئي ته ريسٽورنٽ جي مالڪ کي هڪ سال قيد ۽ 13,510 ڊالر ڏنڊ وڌو وڃي. ڪيس ۾ ريسٽورنٽ ۽ ان جي مالڪ تي کاڌي جي صفائي جي قانونن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو. کاڌي ۽ دوا جي حفاظت واري وزارت ٿانون ۾ ڪيڙين جي استعمال جي رپورٽن جي سامهون اچڻ کان پوءِ معاملي جي جاچ شروع ڪئي. ريسٽورنٽ جي مالڪ عدالت جي سامهون ڪيڙين جي استعمال جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته محدود پيماني تي ٿانوَن جي چوٽي کي سينگارڻ لاءِ ڪيڙيون استعمال ڪيون وينديون هيون ۽ گراهڪن کي ان بابت پڻ آگاهي ڏني ويندي هئي. جاچ ڪندڙن موجب گذريل چئن سالن دوران آمريڪا ۽ ٿائيلينڊ مان درآمد ڪيل لڳ ڀڳ 49,000 ڪيڙين کي مختلف کاڌن ۾ استعمال ڪيو ويو. عدالت 2 سيپٽمبر تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي.