| ڪوريائي گلوڪار جي گهر جون گهنٽيون وڄائيندڙ ناري کي ٽيپ |
سيول (ڪلچرل ڊيسڪ) ڪوريا سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ميوزڪ بينڊ بي ٽي ايس (BTS) جي ميمبر جنگ ڪوڪ جي گهر جي 133 ڀيرا گهنٽي وڄائيندڙ برازيلي عورت عدالت هڪ سال ٽيپ جي سزا ٻڌائي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برازيلي عورت کي اها سزا جنگ ڪوڪ جي گهر کان پري رهڻ جي ڪيترن ئي هدايتن باوجود بار بار سندس گهر وڃڻ جي الزام ۾ ٻڌائي وئي آهي.رپورٽ ۾ عورت جو نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ٻڌايو ويو آهي ته پهريون ڀيري برازيلي عورت گذريل سال ڊسمبر ۾ جنگ ڪوڪ جو پيڇو ڪندي سندس گهر پهتي هئي، هن ڳائڻي جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هن گهر ۾ تصويرون ۽ خط اڇلائي خلل پيدا ڪيو. رپورٽ موجب، 13 ڊسمبر تي جڏهن اها عورت فوڊ ڊليوري واري جو پيڇو ڪندي جنگ ڪوڪ جي گهر پهتي ۽ 133 ڀيرا ڳائڻي جي گهر جي گهنٽي وڄائي ته کيس گرفتار ڪيو ويو. هڪ ڏينهن کانپوءِ کيس انهي وارننگ سان آزاد ڪيو ويو هو ته هوءَ ٻيهر جنگ ڪوڪ جي گهر جي ويجهو نه ايندي پر ڄاڻايل عورت انهي وارننگ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن پوليس جي بار بار روڪڻ باوجود به اها عورت مسلسل جنگ ڪوڪ جي گهر جا چڪر ڪاٽيندي رهي ته آخرڪار فيبروري ۾ پوليس عورت جو ڪيس پراسيڪيوٽرز جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته عورت لڳ ڀڳ 22 ڀيرا جنگ ڪوڪ جي رهائشگاهه تي وئي هئي.عدالت پوليس جي هدايتن کي نظرانداز ڪري بار بار جنگ ڪوڪ جي گهر وڃڻ تي عورت کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. رپورٽ موجب جيڪڏهن فيصلي خلاف عورت جي اپيل رد ٿي ته ناري کي ڏکڻ ڪوريا مان نيڪالي (ڊيپورٽ) پڻ ڏني ويندي.