ڪوشل مينڊس پي ايس ايل ڇڏي آئي پي ايل وڃڻ تي خاموش

ڪوشل مينڊس پي ايس ايل ڇڏي آئي پي ايل وڃڻ تي خاموش

پشاور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي رانديگر ڪوشل مينڊس کان جڏهن گذريل سال سڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي پي ايس ايل ڇڏي آئي پي ايل ۾ گجرات ٽائٽنز ۾ شامل ٿيڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هو خاموش رهيو ۽ صرف مرڪڻ لڳو. ميڊيا رپورٽن موجب ان وقت هن پاڪستان اچڻ بدران آئي پي ايل کي ترجيح ڏني هئي. صحافين جي سوالن تي زلمي جي ميڊيا مئنيجر مداخلت ڪندي چيو ته سوال صرف موجوده ميچ تائين محدود رکيا وڃن.