| ڪولاب جيئل ويجهو ڪرڪيٽ ميچ :گل شاهه جيلاني اليون کٽي ورتي |
ڪولاب جيئل (رپورٽ: ساجد علي سومرو) ڪولاب جيئل لڳ ڊرٻ ميهر شاھ اسٽيڊيم گرائونڊ تي سنڌ جي ٻن وڏين درگاھن حضرت پير ميھر شاھ جيلاني ۽ درگاھ ديھ سوھو شريف جي ٽيمن وچ ۾ پير سيد حسين شاه جيلاني ۽ پير سيد گل احمد شاھ جيلاني جن جي اڳواڻي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ميچ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قائد اھلسنت قادري تحريڪ پاڪستان جي سربراهه درگاھ ديھ سوھو شريف جي سجاده نشين سخي سيد سردار علي شاهه جيلاني مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پير سيد گل احمد شاھ جيلاني جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 165 رنسون ٺاهيون جواب ۾ پير سيد حسين شاه جيلاني جي ٽيم 8 اوورن ۾ 142 ٺاهي هارائي وئي،