| ڪولاب جيئل ويجھو تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت، مڙس زخمي |
ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل لڳ اڪنامڪ زون پوليس ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه منگي جھالي وٽ نامعلوم تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سوارن سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ خان محمد ڦلپوٽو واسي جيان خاتون ۽ سندس معصوم پٽ شھمير ڦلپوٽو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ، جڏھن ته فوتي عورت جو مڙس غلام سرور ڦلپوٽو معجزي طور بچي ويو ، فوتي عورت ۽ معصوم نينگر جو لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ماءُ پٽ جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي عورت مڙس سان گڏ موٽر سائيڪل تي خيرپور کان پنھنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئا ته نامعلوم ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي ويا.