ڪولاب جيئل پريميئر ليگ شروع، سڪسر 61 رنسن تان ڪامياب

ڪولاب جيئل پريميئر ليگ شروع، سڪسر 61 رنسن تان ڪامياب

ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ۾  پريميئرليگ سيزن ست مرحوم امتياز علي ابڙو جي ياد ۾ کيڏي وئي. افتتاح سماجي اڳواڻ  زوار محرم علي ابڙو، يوسي ڪولاب جيئل جي چيئرمين اظھر علي ابڙو، ھدايت الله ابڙو، الطاف ابڙو، راجا عبدالعزيز ابڙو ۽ ڪي پي  ايل جي چيئرمين عرفان علي ابڙو ڪيو. ليگ ۾ ڇھه ٽيمون ڪولاب جيئل ڪنگز، ڪولاب جيئل سلطان، ڪولاب جيئل ھزوري بادشاھ، ڪولاب جيئل قلندر، ڪولاب جيئل سڪسر  ۽ ڪولاب جيئل اسٽارز حصو وٺي رهيون آهن. پھريئن ڏينھن ڪولاب جيئل سڪسر ۽ ڪولاب جيئل اسٽار مقابلو ڪيو. ڪولاب جيئل سڪسر پھريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 8 وڪيٽ جي نقصان تي 121رنسون ٺاھيون  جواب ۾ ڪولاب جيئل  اسٽار  9 وڪيٽن جي نقصان تي 60 رنسون ٺاھي سگھي.

ڪولاب جيئل سڪسر 61 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. مين آف دي ميچ عرفان ڦل رھيو جنھن 53 رنسون ٺاھيون ۽ چار وڪيٽون ورتيون. سماجي اڳواڻ زبير علي ابڙو ڪيش انعام  ڏنو.