| ڪولاب جيئل ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: حضوري بادشاهه ڪامياب |
ڪولاب جيئل(رپورٽ: ساجد علي سومرو) ڪولاب جيئل ۾ پري سيزن ست مرحوم امتياز علي ابڙو جي ياد ۾ جاري ، ٻارھون ۽ تيرھون رائونڊ کيڏيو ويو ، جڏھن ته ٻارھون رائونڊ ڪولاب جيئل حضوري بادشاھ ۽ ڪولاب جيئل سلطان جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنھن ۾ ڪولاب جيئل حضوري بادشاھ ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاھيون جواب ۾ ڪولاب جيئل سلطان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 120 رنسون ٺاھي سگھي ، اھڙي ريت ڪولاب جيئل حضوري بادشاھ سوڀ ماڻي ورتي ، مين آف دي ميچ سبحان وساڻ کي قرار ڏنو ويو جنھن بھترين بيٽنگ ڪري 96 رنسون ٺاھيون ، جڏھن تـ تيرھون رائونڊ ڪولاب جيئل ڪنگز ۽ ڪولاب جيئل قلندرز ۾ کيڏيو ويو جنھن ۾ ڪولاب جيئل ڪنگز ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاھيون جڏھن تـ ڪولاب جيئل قلندرز 113رنسون ٺاھي سمورا رانديگر آئوٽ تي ويا. اھڙي ريت ڪولاب جيئل ڪنگز فاتح حاصل ڪئي، مين آف دي ميچ ڪولاب جيئل ڪنگز جي بالر مظھر عباسي کي قرار ڏنو ويو جنھن بھترين بالنگ ڪري 2 اوورن ۾ 20 رنسون ڏيئي 3 وڪيٽون ورتيون ، جڏھن ته خاص مھمانن راجا عبدالعزير ابڙو ، پرويز علي ابڙو ۽ سنڌ پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال مظھر ابڙو رانديگر کي مين آف دي ميچ ۽ ڪيش انعام ڏنو