ڪولمبيا جو سخت ردعمل، فورسز کي اهم حڪم جاري

ڪولمبيا جو سخت ردعمل، فورسز کي اهم حڪم جاري

بگوٽا: ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اهي بيان غير ضروري ڌمڪيون آهن ڪنهن به ڪارروائي جا سنگين نتيجا نڪرندا. جيڪڏهن اهي هڪ اهڙي صدر کي گرفتار ڪندا جنهن کي منهنجي ماڻهن جي اڪثريت پيار ڪري ٿي، ته هو ستل شينهن کي جاڳائيندا. هن ٽوئيٽ ڪئي ته هاڻي کان، ڪولمبيا ۾ هر سپاهي کي حڪم آهي ته سيڪيورٽي فورسز جو ڪو به ڪمانڊر جيڪو ڪولمبيا جي جهنڊي تي آمريڪي جهنڊي کي ترجيح ڏيندو، ان کي فوري طور تي اداري مان برطرف ڪيو ويندو. هن سيڪيورٽي فورسز کي حڪم ڏنو آهي ته حملي آور کي گولي هنئي وڃي عوام تي نه.