ڪولڪوريڪس جهڙو نالو ۽ پيڪنگ استعمال ڪرڻ تي 7 ڪمپنين جي دوائن تي پابندي: 55 لک ڏنڊ

ڪولڪوريڪس جهڙو نالو ۽ پيڪنگ استعمال ڪرڻ تي 7 ڪمپنين جي دوائن تي پابندي: 55 لک ڏنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مقابلي واري ڪميشن پاران ست ويٽرنري دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين تي 55 لک رپين جو ڏنڊ. مقابلي واري ڪميشن رجسٽرڊ ٽريڊ مارڪ ڪولڪوريڪس سان مشابهت رکندڙ نالو ۽ پيڪنگ استعمال ڪرڻ تي ست ويٽرنري دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين تي مجموعي طور 55 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. گمراهه ڪندڙ مارڪيٽنگ جي الزام هيٺ اٽزان نيچرل پراڊڪٽس، مسلم هربل، ايس ايشيا اورينٽل فارما ۽ ازفار نيوٽراسيوٽيڪلز تي 10،10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. هرب بيڪ نيوٽراسيوٽيڪلز، وائٽل مارڪ ليبارٽريز ۽ هاءِ ويٽ نيوٽراسيوٽيڪلز فارما تي 5،5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. مقابلي واري ڪميشن لاڳاپيل ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو تڪراري ٽريڊ مارڪ جو استعمال فوري طور بند ڪن. ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته 30 ڏينهن اندر حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ روزانو هڪ لک رپين جو اضافي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. ڪميشن واضح ڪيو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي منظوري ڪنهن ٻئي جي رجسٽرڊ ٽريڊ مارڪ جي استعمال جي اجازت نٿي ڏئي. مقابلي واري ڪميشن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽريڊ مارڪ ۾ معمولي تبديلي آڻي ان کي قانوني حيثيت نٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ته گمراهه ڪندڙ برانڊنگ صارفين کي دوکو ڏيڻ جي برابر آهي.