ڪومل جو ڪمال، پاڻ ڇهون درجو پڙهي ٿي ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي مفت پڙهائي ٿي
جُون 7, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ٻلهڙيجي واسڻ شاگردياڻي ڪومل ڪمال ڪري ڇڏيو، پاڻ ته ڇهون درجو پڙهي ٿي پر ڳوٺ جي ٻارن کي مفت پڙهائي به رهي آهي
فزا پتافي بلوچ پاران شاگردياڻي ڪومل جي وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ شاگردياڻي ڪومل ڳوٺ جي ٻارن کي مفت پڙهائي ٿي
ڪومل پاڻ ڇهين جماعت جي شاگردياڻي آهي ۽ اهڙن غريب ٻارڙن کي مفت تعليم ڏئي رهي آهي جيڪي اسڪول نٿا وڃن ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ جي به سگهه نٿا رکن
ڪومل نه رڳو ٻارن کي پڙهائي ٿي پر انهن جي تعليم ڏيارڻ لاءِ والدين سان به رابطي ۾ رهي ٿي ته جيئن ٻارن کي تعليم يافته بڻائي سگهجي
She is Komal,a 6th-grade student.She educates children free of cost in her village who can’t afford books or lack interest in attending school. Komal not only teaches these children but also inspires and counsels their parents. pic.twitter.com/tRKGHHmFiS
— Fiza Pitafi Balouch (@BalouchFiza) June 7, 2023