ڪونين شاهه تي ٻيو ڪيس داخل: رمانڊ تي ڪيس داخل  

ڪونين شاهه تي ٻيو ڪيس داخل: رمانڊ تي ڪيس داخل  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر عارف ساقي کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪونين شاهه ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي، مٿس ٻيو ڪيس پڻ داخل، ان ڏس ۾ سچل پوليس ڪونين علي شاهه کي پروفيسر عارف خان ساقي کي موبائل فون ۽ واٽس ايپ ذريعي جان کان مارڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ملير جي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ ورتو، هوڏانهن پير پاڳاري جي هدايت تي سندس وڏو فرزند سيد محمد راشد شاهه، حر جماعت جو چيف خليفي ڪليم الله وساڻ ۽ مولوي رحيم ڏنو مهيسر ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر محمد عارف ساقي جي رهائشگاهه تي پهتا ۽ ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو