ڪوهاٽ ۾ تيل ۽ گئس جو وڏو ذخيرو دريافت

اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ڪوهاٽ ۾ تيل ۽ گيس جي نون وڏن ذخيرن جي دريافت جو اعلان ڪري ڇڏيو.او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب براگزئي ايڪس ون کوهه مان روز 3100 بيرل ڪچو تيل ۽ ساڍا 81 لک مڪعب فوٽ گيس به حاصل ٿيندي.ترجمان ٻڌايو ته اها او جي ڊي سي ايل جي گذريل هڪ مهيني ۾ نشپا بلاڪ ۾ مسلسل ٽين وڏي دريافت آهي، تازو 3 دريافتن سان مجموعي طور تي روز 9480 بيرل ڪچو تيل حاصل ٿي رهيو آهي، جيڪا وڏي ڪاميابي آهي. ترجمان چيو ته مقامي وسيلن کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
 

صنعتي منصوبن ۾ ناڪامي: ڪم جونگ نائب وزيراعظم هٽائي ڇڏيو
 

پيانگ يانگ (م ڊ) اتر ڪوريا جي سپريم ليڊر ڪم جونگ ان صنعنتي منصوبن ۾ ناڪامي تي نائب وزيراعظم کي هٽائي ڇڏيو، سرڪاري خابرو اداري موجب ڪم جونگ ان نائب وزيراعظم يانگ سنگ پو کي هڪ صنعتي منصوبي  ۾ ناڪامي جو ذميدار قرار ڏيندي برطرف ڪيو، يانگ سنگ هو مشين سازي  جي صنعت جو نگران هو. برطرفي اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن اتر ڪوريا جي حڪمران پارٽي جي اعليٰ سطحي ميٽنگ ويجهو آهي جيڪا پنجن سالن کان پوءِ ٿئي پئي، ان کي اتر ڪوريا جي سڀ کان وڏي سياسي سرگرمي سمجهيو ويندو آهي. جن ۾ منصوبن جي جائزي، نئين سياسي ۽ معاشي پاليسين جي جوڙجڪ ۽ عهدن ۾ تبديليون ممڪن آهن. ڪم جونگ ان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غيرذميوار ۽ نااهل ماڻهن ان منصوبي کي سنگين نقصان رسايو آهي.