ڪوهستاني پٽي جي ڳوٺ دوست محمد ۾ اسڪولي عمارت زبون

ڪوهستاني پٽي جي ڳوٺ دوست محمد ۾ اسڪولي عمارت زبون

نوري آباد ( ن پ ا) نوري آباد ويجهو ڪوهستاني پٽي ۾ڳوٺ دوست محمد ڪاٺ پالاري جا رهواسي جا معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي سهولتن کان محروم آهن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هجڻ سبب معصوم ٻارڙا تعليم کان وانجهيل ٿيندا پيا وڃن اسڪول جي ڇت ۽ ديوارون خستا حال هجڻ سبب والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان خوف ۾ ورتل آهن  هنن مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول جي عمارت جو جلد مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن نئين نسل کي تعليم جهڙي زيورکان محروم ٿيڻ کان بچائي سگهجي