نوري آباد ن (پ ا) ڊوڀان مڪان ۾ زمينن تي قبضي جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھڪ عورت ھٿياربندن ھٿان زخمي ٿي پئي
صوفن جاکرو ۽ خان محمد جاکرو جي زمينن تي بااثر ماڻھن قبضي جي ڪوشش ته مقامي رھواسين پاران روڪڻ تي ھٿياربندن جي ھوائي فائرنگ ڪئي. ھٿيارن جا بٽ لڳڻ سبب دوست علي جاکرو، رزاق جاکرو، واحد جاکرو، جان محمد جاکرو، رحمت الله جاکرو، مسمات روزان زال دوست علي جاکرو زخمي ٿي پيا
جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. متاثر زخمين دانھيندي چيو ته زمينن تي قبضا ڪري زبردستي طاقت جي زور تي دنگ نشان ڪڍيا پيا وڃن، روڪڻ تي حملو ڪري اسانکي زخمي ڪيو ويو. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته زمينن تي ٿيندڙ قبضا ختم ڪري بااثر قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي