ڪوهستان ۾ ڏڪار جھڙي صورتحال: مختلف ڳوٺن ۾ غسل لاءِ به پاڻي نه بچيو، عوام پاران نوان ڪئنال رد

مارچ 27, 2025

نوري آباد (رپورٽ: عالم پالاري)  ڪوهستان ۾ ڏڪار جھڙي صورتحال  ٿي وئي آهي، جنهن بعد ڪوھستاني پٽي جا رھواسي ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ميدان تي نڪري آيا آهن. ان ڏس ۾ يوسي جھمپير ۽ يوسي چنگھڙي جي ڪيترن ئي ڪوھستان واسين پاران سماجي اڳواڻ ڪوھستاني محمد انور جاکرو، محمد عيسيٖ برفت، عمر برفت، رشيد پالاري، بخش علي جاکرو، عمر پالاري، شريف جاکرو، قادر جاکرو، واحد جاکرو، سھيل جاکرو، ستار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڪندي چيو ته کين سنڌو درياء تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي، ھو سمورن ڪئنالن کي رد ڪن ٿا، ڪوھستاني محمد انور جاکرو چيو ته ھاڻي کان ئي پوري سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو اھي، بيٺل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سوڪھڙي جو شڪار ٿي رھيا آھن ته ٻئي طرف عوام کي پيئڻ توڙي غسل لاء به پاڻي نٿو ملي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو ته اھا ساڳئي حالت ڪوھستاني پٽي ۾ به ٿي ويئي آھي، جتي پاڻي ختم ٿيڻ ڪري ڏڪاري حالتون شروع ٿي ويون آھن. ھنن چيو ته ڪوھستاني پٽي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ وڪيو جاکرو، ڳوٺ ڌڻي بخش جاکرو، ڳوٺ يار محمد جاکرو، ڳوٺ جانو جاکرو، ڳوٺ ڦوٽو جاکرو، ڳوٺ عثمان جاکرو، ڳوٺ حسين جاکرو، ڳوٺ صوفن جاکرو، ڳوٺ مانجھو پالاري، ڳوٺ آدماڻي پالاري، ڳوٺ بچايو جاکرو، ڳوٺ سکيو پالاري، ڳوٺ ولي محمد پالاري، ڳوٺ ناٿو پالاري، ڳوٺ نبي بخش ٻٻر، ڳوٺ محمد الرحيم پالاري، ڳوٺ خان محمد جاکرو، ڳوٺ جعفر پالاري، ڳوٺ ھاشم پالاري، ڳوٺ حسين پالاري، ڳوٺ انب پالاري، ڳوٺ اميد علي پالاري، ڳوٺ آچار پالاري، ڳوٺ بھادر پالاري، ڳوٺ عبدالله شورو، ڳوٺ فقير محمد شورو، ڳوٺ علي محمد شورو، ڳوٺ ولي محمد شورو، ڳوٺ شيدو مڱڻھار، ڳوٺ حافظ شورو، ڳوٺ ابراھيم شورو، ڳوٺ ماڪن شورو، ڳوٺ ڪرم الله شورو، ڳوٺ سوڍو پالاري، ڳوٺ پٺاڻ پالاري، ڳوٺ ابراھيم دل، ڳوٺ رمضان دل، ڳوٺ غلام الدين شورو، ڳوٺ لکاڏنو جاکرو، ڳوٺ حاجي ولو جاکرو، ڳوٺ ڪريم جاکرو، ڳوٺ گودڙ جاکرو، ڳوٺ موسي جاکرو، ڳوٺ نبي بخش جاکرو، ڳوٺ اميد علي جاکرو، ڳوٺ محمد قاسم برفت، ڳوٺ پنيلڌو برفت، ڳوٺ جانو برفت، ڳوٺ ليمون خاصخيلي، ڳوٺ يعقوب برفت، ڳوٺ سليمان برفت سميت ڪيترن ئي ڪوھستاني ڳوٺن ۾ پاڻي جي قلت سبب ڏڪار واريون حالتون شروع ٿي ويون آھن، جنھن ڪري ڪوھستان واسين پيئڻ جو پاني خريدڻ ۽ پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل اھن ھنن چيو تن ڪوھستاني پٽي ۾ جر جو پاڻي به ختم ٿي ويو اھي، کين سندن ڳوٺن ڀرسان ڪوھستاني پٽي ۾ لڳندڙ مختلف ونڊ پراجيڪٽن جي انتظاميه نه کين پيئڻ جو پاڻي ٿي مھيا ڪري ۽ نه ئي کين روزگار سميت ڪي بنيادي سھولتون ڏيڻ لاء تيار آھي، جنھن ڪري ڪوھستان واسي سخت پريشان آھن. ھنن گھر ڪئي ته فورن تڪراري ڪئنالن کي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري زرخيز سنڌ کي بنجر بنجڻ کان بچائي ڪوھستان واسين جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪري،  ڪوھستاني زمينن تي ٿيندڙ غير قانوني قبضا توڙي والارون ختم ڪرائي ڪوھستان واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، روزگار، روڊ، رستي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري بند ٿيل اسڪول کولرائي تدريسي  ڪوھستاني پٽي مان ڏڪاري حالتون ختم ڪرائي ڪوھستان واسين کي اڃ مرڻ کان بچايو وڃي.

 

Leave A Comment