نوري آباد (ن پ ا ) ڪوهستان جي علائقن ڪارو جبل، ڪلو کوهر، ٽڪ مڪان، پڃل مڪان جي مختلف ڳوٺن موندر خان پالاري، لکاڏنو پالاري، بجار خان پالاري جي رهواسين ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي
ڳوٺ بجار پالاري ۾ چار ورهين جو عنايت ولد برڪت پالاري ۽ ڳوٺ لکاڏنو پالاري جي رهواسڻ 30 ورهين لطيفان زال نور حسن پالاري گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا دوران فوت ٿي وئي
هوڏانهن نوري آباد ۾ قائم 30بيڊ سرڪاري اسپتال ۾ علاج جون سهولتون اڻپوريون آهن
رهواسين گهر ڪئي ته سرڪاري اسپتال نوري آباد ۾ عملو وڌائي اپ گريڊ ڪري رليف مهيا ڪيو وڃي