| ڪوهلي جو ٻيو اعزاز، سڀ کان وڌيڪ ون ڊي سينچريون ٺاهي ورتيون |
رانچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي رانچي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪري تاريخ رقم ڪئي. هي ڪوهلي جي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر ۾ 52 هين سينچري آهي، جنهن سان هو هڪ ئي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو. ان کان اڳ، هي اعزاز سچن ٽنڊلڪر وٽ هو، جنهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51 سينچريون اسڪور ڪيون. هي ڏکڻ آفريڪا خلاف سندس ڇهين سينچري پڻ آهي، جنهن سان هو اي بي ڊي ويليئرز ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ جي برابر آيو، جن ڀارت خلاف ڇهه ڇهه سينچريون اسڪور ڪيون آهن.