ڪوهلي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ بادشاهي ختم، مچل جو راڄ

ڪوهلي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ بادشاهي ختم، مچل جو راڄ

دبئي (اسپورٽس نيوز) هندستان جي اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي ڪجهه ڏينهن بعد ون ڊي رينڪنگ ۾ پهريون نمبر وڃائي ڇڏيو. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب نيوزي لينڊ جو ڊيرل مچل ويرات ڪوهلي کان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. ڊيرل مچل ڀارت خلاف سيريز ۾ 352 رنسون ٺاهي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪو ٽن ميچن جي سيريز ۾ ڪنهن به نيوزي لينڊ جي رانديگر جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي. هن شاندار ڪارڪردگي کيس 845 پوائنٽن سان آءِ سي سي ون ڊي بيٽنگ رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي پهچايو آهي.

 ڀارت جي ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما هڪ هڪ نمبر هيٺ ٿي ٻئي ۽ چوٿين نمبر تي آهن. پاڪستان جي بابر اعظم پنهنجي ڇهين پوزيشن برقرار رکي جڏهن ته سلمان علي آغا سورهين نمبر تي پهچي ويو آهي. ون ڊي بالنگ رينڪنگ ۾، ابرار احمد نائين کان اٺين نمبر تي پهچي ويو آهي جڏهن ته شاهين آفريدي 19هين نمبر تي برقرار آهي. حارث رئوف پڻ ويهين کان ايڪويهين نمبر تي پهچي ويو آهي.