ڪوهلي ۽ روهت جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪٽوتي جو امڪان

ڪوهلي ۽ روهت جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪٽوتي جو امڪان

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي جو امڪان آهي. رڳو ون ڊي ميچون کيڏڻ سبب روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي معاوضن ۾ ڪٽوتي ٿي سگهي ٿي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 4 ڪيٽيگريز ۾ ايليٽ ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪنٽريڪٽ ڏئي ٿو. ڀارتي بورڊ اپريل 2025ع ۾ رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا هئا، ڪوهلي ۽ روهت کي ايندڙ سرڪل ۾ ڪٽوتي جو منهن ڏسڻو پوندو، روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اي پلس ڪيٽيگري برقرار نه رکي سگهندا. اي پلس ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڪيٽرز کي 7 ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا آهن. اي ڪيٽيگري ۾ وڃن ٿا ته کين ساليانو 5 ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا.