ڪوٽڏيجي، عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ قلعا عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل  

ڪوٽڏيجي، عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ قلعا عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل  

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جا 3 تاريخي قلعا عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل،  يونيسڪو ميرپورخاص جي نئون ڪوٽ قلعي، خيرپور جي ڪوٽڏيجي قلعي ۽ عمرڪوٽ قلعي  کي پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اقوام متحده جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو سنڌ جي 3 تاريخي قلعن کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ابتدائي فهرست ۾ باضابطه طور تي شامل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ يونيسڪو جي پاڪستاني نمائندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين کي ٽنهي قلعن بابت آگاهي ڏني وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي قديمي آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالفتاح شيخ جو چوڻ آهي ته نئون ڪوٽ قلعو، عمرڪوٽ قلعو ۽ ڪوٽڏيجي قلعو يونيسڪو جي ابتدائي فهرست ۾ شامل ٿيڻ بعد ٽنهي ماڳن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملندي. هن چيو ته تاريخي هنڌن کي حتمي طور فهرست ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ کين ابتدائي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن دوران انهن جي تاريخي، ثقافتي ۽ سائنسي اعتبار کان جائزو ورتو ويندو آهي.
 

  مڪلي ۽ موهن جو دڙو سميت 6 آثار حتمي لسٽ ۾ شامل ٿيل

ڪراچي: مُلڪ جا 30 قديمي آثار ابتدائي فهرست ۽ مڪلي قبرستان ۽ موهن جو دڙو سميت 6 قديمي آثار حتمي فهرست ۾ شامل ٿيل، ان ڏس ۾ يونيسڪو پاران هن وقت تائين پاڪستان جا 6 قديمي آثار يونيسڪو جي حتمي فهرست ۾ شامل ڪيل آهن، جن ۾ سنڌ جا 2 ماڳ موهن جو دڙو ۽ مڪلي شامل آهن. جڏهن ته پنجاب جا 3 ۽ ڪي پي جو هڪ قديم آثار حتمي فهرست ۾ شامل ٿيل آهي. اهڙي طرح مُلڪ جا 30 قديمي آثار وري ابتدائي فهرست ۾ شامل ٿيل آهن.
 

ڀنڀور کي يونيسڪو جي حتمي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل
 

ڪراچي: ڀنڀور کي يونيسڪو جي حتمي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل، ان ڏس ۾ سنڌ جي قديمي آثارن واري کاتي جي اختيارين تفصيلي رپورٽ يونيسڪو ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، يونيسڪو  جو وفد جائزو وٺڻ لاءِ ڀنڀور پهچندو، 2027 ۾ ٿيندڙ يونيسڪو جي اجلاس ۾ ڀنڀور کي به ايجنڊا طور شامل ڪيو ويندو.