ڪوٽڏيجي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ: ڳوٺاڻو قتل

جُون 28, 2023

ڪوٽڏيجي(ن پ و)ڪوٽڏيجي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل ٿي ويو

 بگٽي اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي  شاهنواز بگٽي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي

اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ تعلقي اسپتال کڻائي آئي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري مقتول جو پوسٽ  مارٽم نه ٿي سگهيو جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان ٿي ويا

پوليس موجب قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٿي سگهي ٿي جڏهن ته وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ويندي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل