ڪوٽڙيءَ ۾ بلوچستان واسي زال مڙس مبينا ذاتي دشمنيءَ تان ٻن ٻارڙن سميت ڪهي قتل
مَي 13, 2025
ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙيءَ ۾مبينا ذاتي دشمنيءَ تان بلوچستان واسي جوڙو ٻن ٻارڙن سميت ڪهي قتل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستيءَ واري علائقي ۾ بلوچستان واسي زال مڙس کي ٻن ٻارڙن سميت تيز ڌار اوزار سان بيدرديءَ سان ڪُهي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڙيسرين جي اطلاع تي خدا جي بستيءَ چونڪيءَ جي پوليس بند پيل گهر جا دروازا ٽوڙي قتل ٿيل چئني گهر ڀاتين جا لاش هٿ ڪيا، جڏهن ته گهر جي ڪمري ۾ مقتولن جي رت جا نشان پڻ موجود هئا. مقتولن جي سڃاڻپ بلوچستان واسي عمران ايري، سندس زال عاليا ۽ سندن ٻارڙن طور ٿي آهي. هوڏانهن اطلاع تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ايس ايڇ او سائيٽ زاهد جهتيال پڻ نفريءَ سميت واردات واري هنڌ پهچي ويا، جنهن بعد مقتولن جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيا ويا. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، جڏهن ته مقتولن جي سڃاڻپ بلوچستان واسي طور ٿي آهي. پوليس موجب لڳي ٿو ته کين ذاتي دشمني تان بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي بابت في الحال حتمي طور تي ڪجھ نٿو چئي سگهجي، جاچ بعد ئي اصل حقيقتن جي خبر پوندي. هوڏانهن علائقي واسين موجب مقتول عمران ايري ڪجھ ڏينھن اڳ مسواڙ تي جڳھ وٺي ڪٽنب سميت رهائش اختيار ڪئي هئي، جڏهن ته گهر ٽن چئن ڏينهن کان بند هجڻ ۽ گهر مان بدبوءِ اچڻ بعد شڪ پوڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي گهر جو دروازو ٽوڙي لاش هٿ ڪيا آهن.
واردات لڪائڻ لاءِ واقعو رات جي وقت پيش اچڻ جو امڪان
ڪوٽڙي: علائقي واسين موجب مقتول ڪٽنب ڪجھه ڏينھن اڳ مسواڙ تي گهر وٺي ان ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي پر ٻه ٽي ڏينهن کان گهر مسلسل بند هو. هوڏانهن شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته بدنصيب ڪٽنب کي رات جي پيٽ ۾ خاموشيءَ سان قتل ڪرڻ بعد قاتل فرار ٿي ويا، جڏهن ته گهر مسلسل بند هئڻ سبب قتل جي واردات بابت ترت اطلاع نه ملي سگهيو. پوليس موجب قتل جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، ان بابت في الحال ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو. پوليس موجب هي بلائينڊ قتل جو واقعو آهي، تنهنڪري شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، فرانزڪ رپورٽ، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ جاچ بعد ئي واردات جي صحيح خبر پئجي سگهندي.
لاش پراڻا هجڻ ڪري سڄي چڪا، ڪمرو مقتولن جي رت سان رڱيل
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي خدا جي بستيءَ ۾ گهر مان هٿ آيل چئني لاشن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي هئي، جڏهن ته لاش پراڻا هئڻ ڪري سوڄ پڻ ڪري ويا هئا، جڏهن ته واردات واري ڪمري ۾ مقتولن جي رت جا نشان پڻ موجود هئا. پوليس ايمبولينس ذريعي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪري گهر کي سيل ڪري ڇڏيو.واردات لڪائڻ لاءِ واقعو رات جي وقت پيش اچڻ جو امڪان گهر مسلسل بند هئڻ سبب قتل جي واردات بابت ترت اطلاع نه ملي سگهيو