| ڪوٽڙيءَ ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ پوليس خانپور روڊ تي گذريل رات جو دير سان ڦورن سان مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس موجب 4 جوابدار رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. هوڏانهن زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار زبير ميرالي کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ڄاڻايل جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو. کانئس جاچ بعد سندس فرار ٿيل ساٿي ڏوهارين کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو.