| ڪوٽڙيءَ ۾ مسافر وين جا 3 گاڏا پٽڙيءَ تان لهي ويا |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪوٽڙيءَ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ٽرين موهن جو دڙو ايڪسپريس جا 3 گاڏا پٽڙيءَ تان لهي ويا، جڏهن ته حادثي دوران متاثر گاڏن ۾ سوار مسافر معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا، جڏهن ته حادثي سبب ڊائون ٽريڪ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. هوڏانهن ٽرين حادثي جي اطلاع تي ريلوي اختياريون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن عملي کي طلب ڪري ڪرين جي مدد سان اٽڪل 4 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ٽريڪ کي بحال ڪري مسافر ٽرين کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.