ڪوٽڙيءَ ۾ ٻن ڀينرن سان مبينا زيادتي ڪري وڊيو ڀريندڙ جوابدار جو جسماني رمانڊ، صحافي جي ضمانت منظور
مارچ 29, 2025
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ ٻن ڀينر ٻارڙين سان مبينا زيادتي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس جي مُک جوابدار کي عدالت 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ وڌيڪ جوابدار جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي. ڪوٽڙي سائيٽ جي خورشيد ڪالونيءَ واري علائقي ۾ ٻن ڀينرن سان مبينا زيادتي ڪري سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ کي پوليس ڄامشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته جاچ آفيسر جوابدار جي رمانڊ لاءِ عدالت کي گذارش چيو ته جوابدار کان ڪيس جي سلسلي ۾ جاچ ڪرڻي آهي، جڏهن ته سندس ميڊيڪل پڻ ڪرائڻو آهي، تنهنڪري جوابدار جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت جوابدار سلطان پٺاڻ کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن جوابدار سلطان پٺاڻ جي سهولتڪاري ڪرڻ تي ڪيس ۾ نامزد صحافي مقدر بلوچ گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي، برطرف ايس ايچ او مظهر نائيچ پڻ 2 ڏينهن اڳ عبوري ضمانت ڪرائي ورتي هئي، جڏهن ته چونڪي انچارج ياسين لغاري جسماني رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آهي. ٻئي پاسي عورتن جي ترقيءَ واري کاتي ڄامشوري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شازيا عابد ڪالھه مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل ٻارڙين جي گهر پهچي ٻارڙين عليشا، علينا ۽ سندن وارثن کان واقعي بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي هن متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. شازيا عابد چيو ته واقعي جو سبب غربت آهي ۽ غربت سبب ٻارڙيون جوابدار جي گهر ڪم ڪار لاءِ وينديون هيون، جتي ساڻن افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. هن چيو ته متاثر نياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان موقعي تي متاثر نياڻين جي مامي ۽ ڪيس جي فريادي ذاڪر يوسفزئي چيو ته هو فقط انصاف چاهن ٿا، ظالم جوابدار سلطان پٺاڻ نياڻين جي زندگي تباھ ڪئي آهي، کيس سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.