| ڪوٽڙيءَ ۾ ڀتا خوري: دڪاندار کي ڌمڪيون ۽ فائرنگ، پوليس خاموش |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ دڪاندار کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ بعد دڪان تي فائرنگ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي خدا جي بستيءَ جي رهواسي دڪاندار عقيل راجپوت ايس يو پي جي تعلقي صدر خالد لاشاري، شمشاد ميڻو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته کيس گذريل ڪجھ ڏينھن کان اڻڄاتل ماڻهن طرفان فون ڪال تي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون هيون، جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس کيس تحفظ ڏيڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو. هن چيو گذريل رات دير سان ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ اڻڄاتل جوابدار سندس دڪان جي شٽر تي فائرنگ ڪري ويا، فائر ڪيل 6 گولين جا خول وٽس موجود آهن. هن ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ خالد لاشاري، شمشاد ميڻو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااهليءَ سبب ڪوٽڙي سائيٽ جو علائقو رانوتي ڪچي جهڙو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ايس ايڇ او سائيٽ ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر دڪاندار کي تحفظ فراهم نٿي ڪري ته واپارين ۽ دڪاندارن سان گڏجي پوليس خلاف احتجاج ڪنداسين.