ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي وهڪرن ۾ بدستور اضافو جاري، ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو اڍائي لک ڪيوسڪس تي پهچڻ بعد ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي
ڪوٽڙي بئراج جو هيٺانهون وهڪرو وڌائي 2 لک 20 هزار 9 سئو 8 ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٺٽي لڳ دولھه دريا خان پل وٽان سنڌو درياءُ جا وهڪرا گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيا آهن
درياءُ جو مٺو پاڻي وهڪرن جي صورت ۾ کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سان ڪيٽي بندر کاروڇاڻ ۽ شاهبندر تائين درياءُ جو مٺو پاڻي پهچي ويو
ڊيلٽس تائين مٺي پاڻي جي ڇوڙ جاري رهڻ ڪري مقامي ملاحن پاران پلو مڇي جو شڪار جاري مارڪيٽ ۾ پلو مڇي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ماهيگيرن توڙي علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي
ٻئي طرف سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 2 لک 21 هزار 2 سئو 90 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانهون وهڪرو 1 لک 66 هزار 8 سئو 20 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آهي
گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 2 لک 90 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 69 هزار 1 سئو 6 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو
آبپاشي ۽ پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءُ جي مٿانهين وهڪرن ۾ لاٿ کانپوء ڪوٽڙي بئراج تي ننڍي ٻوڏ واري صورتحال رهندي امڪاني طور تي وچولي درجي واري ٻوڏ به ٿي سگهي ٿي