ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇوڙ: سنڌوءَ ۾ هيٺائين درجي جي ٻوڏ 

ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇوڙ: سنڌوءَ ۾ هيٺائين درجي جي ٻوڏ 

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) هلندڙ خريف دوران آخرڪار جولاءِ جي آخري ڏهاڪي ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺاهين پاسي پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ڪالهه شام جو ڇهين وڳي 1590 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. ڪوٽڙي بيراج جي مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرا 44105 ڪيوسڪ پهتا آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج جي ايلوڪيشن 31300 ڪيوسڪ آهي. هوڏانهن ملڪ جي دريائي وهڪرن ۾ پاڻيءَ جي اضافي واري صورتحال برقرار آهي. ڪالهه شام تربيلا، ڪالاباغ، چشما ۽ تونسا بيراجن وٽ سنڌو درياءَ ۾ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ برقرار هئي. ڪالهه شام جو تربيلا ڊيم جي مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرا 3 لک 29000 ۽ هيٺاهان 268000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1523.31 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي. ڪابل ندي ۾ به نوشهري وٽ پاڻي وهڪرا وڌي 70000 ڪيوسڪ ٿي ويا، ڪالاباغ بيراج جي مٿاهين پاسي 3 لک 37012 ڪيوسڪ ۽ چشما وٽ 3 لک 23448 ڪيوسڪ ۽ تونسا بيراج وٽ به پاڻي جا وهڪرا وڌي 3 لک 25596 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن. ڪالهه هلندڙ سيزن دوران پهريون ڀيرو پنجنند وٽان به 19181 ڪيوسڪ جي هيٺاهين پاسي ڇوڙ ڪئي وئي آهي. گڊو بيراج جو مٿاهون وهڪرو 167506 ڪيوسڪ ۽ سکر بيراج وٽ 114400 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن پنجاب ۾  مرالا بيراج، خانڪي ۽ قادر آباد وٽ وچولي ۽ ٽمو، بلوڪي ۽ سڌنائي وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي ويئي آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۽ فلڊ فارڪاسٽنگ ڊويزن موجب پنجاب ۾ پوندڙ برساتن سبب ايندڙ هفتي تائين ملڪ جي سمورن دريائن ۽ ندين ۾ پاڻي وهڪرن ۾ اڃان وڌيڪ واڌ جا امڪان آهن.