ڪوٽڙي: فائرنگ ۾ نينگر مارجي ويو، هڪ اهلڪار جي ڦر جي دعويٰ، ٻئي پاران ڪوڙو قرار

ڪوٽڙي: فائرنگ ۾ نينگر مارجي ويو، هڪ اهلڪار جي ڦر جي دعويٰ، ٻئي پاران ڪوڙو قرار

ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي بهار ڪالونيءَ واري علائقي ۾ مبينا طور انڌي گولي لڳڻ سبب پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رڪشا ۾ ڪوٽڙي سائيٽ کان حيدرآباد ويندڙ 4 ورهين جو نينگر ارمان پٽ صحبت پٺاڻ ٿڏي تي مارجي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نينگر جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ۾ مارجي ويل نينگر جي ويجهي عزيز جان محمد پٺاڻ ميڊيا کي ٻڌايو تہ نينگر جو ڪٽنب حيدرآباد کان ڪوٽڙي سائيٽ ۾ هنن وٽ مھمان ٿي آيل هو، جيڪي واپس حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته بهار ڪالونيءَ واري علائقي ۾ فائر ٿيل اڻڄاتل گولي رڪشا ۾ ويٺل نينگر کي لڳي، جنهن ڪري هو ٿڏي تي مارجي ويو آهي. هوڏانهن حد جي خورشيد پوليس چونڪيءَ جي انچارج دعوا ڪئي آهي ته بهار ڪالوني چونڪ ڀرسان غريب آباد ڪالونيءَ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اڪبر جلباڻي نالي شخص کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت تي هٿياربندن 4 کان 5 فائر ڪيا، ان وقت رڪشا بہ اتان گذري رهي هئي ۽ گولي نينگر کي لڳي، جنهنڪري نينگر مارجي ويو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ بعد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ خير محمد ملاح چونڪي انچارج جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي تہ ڄاڻايل علائقي ۾ ڦر جي ڪابہ واردات ناهي ٿي ۽ نه ئي ڦر جي ڪوشش ۽ مزاحمت تي فائرنگ جهڙي ڪنهن واقعي جون شاهديون مليون آهن. هن چيو ته چونڪي انچارج طرفان غريب آباد ڪالونيءَ جي جنهن هنڌ تي ڦر جي واردات جي ڳالھ ڪئي وئي آهي، اهو هنڌ به واقعي واري هنڌ کان گهڻو پري آهي. هن چيو تہ نينگر کي اڻڄاتل هنڌ کان فائر ٿيل گولي لڳي آهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو تہ جاچ بعد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو