| ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ربيع ۾ به ڇوڙ جاري: واٽر چارجنگ سبب 500 ڪيوسڪ جي واڌ |
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ڪوٽڙي جي لهواري پاسي (ڊائون اسٽريم) هلندڙ ربيع دوران پاڻي جو ڇوڙ جاري آهي، وڏي وقت کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ پاڻمرادو واٽر چارج ٿيڻ سبب ڪوٽڙي وٽ 500ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي واڌو ٿي ويو. سکر بيراج وٽان 4 ڊسمبر تي 14550 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو، جڏهن ته ڪوٽڙي وٽ 10413 ڪيوسڪ هو. 4 ڊسمبر بعد سکر بيراج جا هيٺاهان وهڪرا گهٽا يا ويا جيڪي ڪالهه شام جو 6500 ڪيوسڪ هئا پر ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهين پاسي 14180 ڪيوسڪ پاڻي ريڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ وڌي 4760 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. ذريعن موجب گرائونڊ واٽر چارجنگ سبب ڪوٽڙي بيراج وٽ مسلسل پاڻي وهڪرا بهتر رهيا آهن. نه رڳو اهو پر دريائي پيٽ جي پاڻي سبب ڪوٽڙي وٽ پاڻي ۾ واڌ رهي آهي، هيٺاهين پاسي پاڻي وهندو رهيو آهي. 20 ڊسمبر تي ڪوٽڙي بئراج جي بندي سبب جنوريءَ تائين هيٺاهين پاسي پاڻي وهڪرا جاري رهندا، جنوريءَ ۾ سکر بئراج جي بنديءَ سبب پاڻي ڪوٽڙي بيراج طرف وهندو رهندو، ان ڪري هيل فيبروريءَ جي مهيني تائين ڪوٽڙيءَ جي ڊائون ۾ لاڳيتو پاڻي جاري رهندو، اهڙو موقعو وڏي وقت کانپوءِ آيل آهي، ساڳئي طرح سکر ۽ گڊو بئراجن وٽ به پاڻي وهڪرا بهتر رهيا آهن. هوڏانهن ارسا جي رپورٽن موجب ڪالهه تائين ملڪ جي چئني صوبن کي انڊينٽ موجب پاڻي ڏنو ويو