ڪوٽڙي ۾انگريزن جي ٺاهيل بلديا جي تاريخي عمارت تباھه، قبضا مافيا جون اکيون کُتل
ڊسمبر 16, 2024
ڪوٽڙي (رپورٽ:يوسف سارنگ) ڪوٽڙي شهر جي مُک لياقت روڊ تي قائم ڪيل بلديا ڪوٽڙيءَ جي قديم ۽ تاريخي عمارت ميونسپل انتظاميا جي بي ڌيانيءَ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب تباھ ٿي کنڊر بڻجي وئي آهي، پراڻي بلديا ڪوٽڙيءَ جي آفيس واري قديم عمارت انگريز راڄ دوران 1916ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، قيمتي پٿرن سان ٺاهيل عمارت ۾ خوبصورت جناح هال توڙي آفيسن لاءِ ڪشادا ۽ هوادار ڪمرا، ورانڊو ۽ لان پڻ موجود هئا، جڏهن ته پراڻي بلديا جي عمارت ۾ قائم جناح هال ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز پڻ رهيو آهي. پرويز مشرف جي آمريت دوران متعارف ڪرايل ناظميءَ واري مڪاني نظام دوران جڏهن ڪوٽڙي بلديا کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو هو، ان وقت تائين ڪوٽڙي ٽائون ڪاميٽي جي آفيس ساڳي تاريخي ۽ قديم عمارت ۾ قائم ٿيل هئي پر ان بعد سنڌ ۾ مڪاني ادارن ۾ ايڊمسٽريٽرن جي مقرري دوران تاريخي عمارت جي مرمت ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي آفيس بلديا جي بند پيل هڪ اسڪول ۾ منتقل ڪئي وئي پر اٽڪل 10 سال گذرڻ باوجود ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل انتظاميا بلديا جي تاريخي عمارت جي مرمت توڙي قديم عمارت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، جنهنڪري پراڻي بلديا جي تاريخي ۽ قديم عمارت سارسنڀال ۽ مرمت نه ٿيڻ جي ڪري تباھ ٿي کنڊر بڻجي وئي آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پراڻي بلديا جي قديم عمارت شهر جي مرڪز ۾ هئڻ جي ڪري سياسي طور تي اثر رسوخ رکندڙ ڪيترن بااثرن جون پراڻي بلديا جي قديم عمارت تي قبضو ڪري مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ اکيون کُتل آهن پر ان جي باوجود ڪوٽڙي ميونسپل جي اختيارين قديم ۽ تاريخي عمارت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪو به قدم ناهي کنيو.
بلديا آفيس کي پراڻي نموني بحال ڪيو وڃي: سياسي سماجي اڳواڻ
ڪوٽڙي: ڪوٽڙيءَ جي پراڻي بلديا آفيس جي قديم عمارت بابت “پنهنجي اخبار” طرفان جڏهن ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چيف آفيسر اعجاز خاصخيليءَ کان موقف وٺڻ لاءِ ساڻس بار بار فون ڪال ۽ واٽس اپ ذريعي رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن پنهنجي روايت کي برقرار رکندي فون اٽينڊ نه ڪيو، ٻئي پاسي ڪوٽڙيءَ جي سياسي سماجي اڳواڻن جسقم جي ديدار شام، ايس يو پي جي خالد لاشاري، مرتضيٰ رند، جي ايم خاصخيلي، ايس ٽي پي جي امجد مستوئي، سماجي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ڪاشف ڏاوڇ، انجنيئر نعيم ابڙو ۽ ٻين چيو ته بلديا ڪوٽڙيءَ جي پراڻي آفيس کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي ته جيئن بااثر ٻين تاريخي عمارتن جيان ان تي قبضو ڪري سگهن. هنن چيو ته جيڪڏهن وقت تي تاريخي عمارت جي سار سنڀال ۽ مرمت ڪئي وڃي ها ته اُها اڄ بهتر حالت ۾ هجي ها، هنن چيو ته پراڻي بلديا جي عمارت شهر جي سونهن رهي آهي ۽ ان جي جناح هال ۾ ڪنهن دور ۾ ادبي ۽ سماجي سرگرميون پڻ ٿينديون هيون پر هاڻي اهو کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پراڻي بلديا جي آفيس کي اصلوڪي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.
چلڊرين پارڪ ۽ ايريگيشن باغ سميت تاريخي عمارتن تي قبضا، اڏاوتون
ڪوٽڙي: دنيا جا مهذب معاشرا ۽ ذميوار انتظامي اختياريون قديم ۽ تاريخي اهڃاڻن ۽ عمارتن کي محفوظ رکڻ لاءِ هر قسم جا ممڪن اپاءَ وٺنديون آهن ته جيئن هو پنهنجي اڏاوت سازيءَ جي قديم فن، تاريخي اهڃاڻن ۽ نشانين کي باحفاظت ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري سگهن پر سنڌ ۾ قديم عمارتن ۽ اهڃاڻن کي انتظامي غيرذميداريءَ جي اڏوهي تباھ ڪندي رهي آهي، ڪوٽڙي شهر ۾ پڻ چلڊرين پارڪ ۽ ايريگيشن جي باغ سميت ڪيترن ئي تاريخي ۽ قديم عمارتن تي قبضا ڪري اڏاوتون ڪرڻ سبب انهن جو هاڻي فقط قصن ڪهاڻين ۾ ذڪر وڃي بچيو آهي، جنهنڪري ڪوٽڙي شهر جي سونهن پڻ مڪمل طور تي اجڙي چڪي آهي. ڪوٽڙيءَ جي پراڻي بلديا جي عمارت پڻ شهر ۾ شاهڪار اڏاوت جو ڏيک ڏيندي رهي آهي پر هاڻي ان کي به انتظامي لاپرواهيءَ جي اڏوهيءَ کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.