ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ جعلي شاديون ڪرائيندڙ گروھ جو انڪشاف ٿيو آهي، شادي جي نالي تي ماڻھن کي ٺڳيندڙ گروھ جي جي ھڪ عورت گرفتار، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو
ڪوٽڙي جي سبحان الله ڪالوني واري علائقي جي رھواسي مبين چانڊيو ڪوٽڙي ٿاڻي تي شادي جي نالي تي فراڊ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته شادي جي نالي تي فراڊ ڪندڙ ناري انعم عرف دعا شادي ڪرڻ جي ٻن ڏينھن کانپوء گھران نڪري گهر جو الھ تلھ کڻي فرار ٿي وئي
فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته عمران ڀٽي، شاھده جتوئي ۽ شمس اوڏ رشتي ڪرائڻ جي عيوض کانئس ساڍا چار لک روپيا ورتا، فراڊي ٽولي پاران رمضان نالي شخص کي ڪنوار جو فرضي ڀاء ڄاڻائي مون سان نڪاح ڪرايو، نڪاح جي ٻن ڏينھن کانپوء ناري گھر جو الھ تلھ ٻهاري فرار ٿي وئي
فريادي موجب مذڪوره گروھ ڪوڙيون شاديو ڪرائڻ عيوض لکين روپين جو فراڊ ڪري رھيو آھي، انصاف ڪيو وڃي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪوٽڙي پوليس انعم عرف دعا کي گرفتار ڪري ورتو آھي
پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد فراڊي ٽولي جي ٻين ماڻھن کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو