ڪوٽڙي ۾قتل ٿيل 3 ڄڻن جا مڙھه مٽي ماءُ حوالي، ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا
جنوري 6, 2025
ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي مسلم ٽائون ۾2 ڏينهن اڳ چانڊيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل ٻن عورتن سدوري زال قربان چانڊيو، سندس پٽ احسان چانڊيو ۽ مسمات سدوري چانڊيو جي ڀيڻ حاڪمزادي جا مڙھ جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ئي گهر مان 3 جنازا کڄڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو، مقتولن جي جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن واقعي جا 2 جوابدار غلام شبير چانڊيو ۽ شاهد چانڊيو کي پوليس واقعي واري ڏينهن ئي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوٽڙي سائيٽ پوليس طرفان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا پر وڌيڪ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪوٽڙي سائيٽ جي ايس ايڇ او مظهر نائيچ ٻڌايو ته هو فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا ويا آهن پر جوابدار هٿ نه اچڻ تي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، هوڏانهن مقتول عورت صدوري چانڊيو جي مڙس قربان چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس سالي حاڪمزادي جي نياڻي جوابدار ڌر کي ڏنل هئي، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هئن. هن چيو ته سندس سالي پنهنجي ٻارن سميت وٽس رهيل هئي ته جوابدارن گهر تي حملو ڪري سندس زال، پٽ ۽ ساليءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪري. هوڏانهن رات دير سان ڪوٽڙي پوليس فريادي قربان چانڊيو جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف گهر تي حملو ڪري سندس زال مسمات صدوري، پٽ احسان چانڊيو ۽ سالِي حاڪمزادي جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ آر ۾ عامر چانڊيو، عالم چانڊيو، غلام شبير، شاهد، مير، عابد علي چانڊيو، سليم مگسي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار طور نامزد ڪيا ويا. ايف آءِ آر ۾ فرياديءَ موقف اختيار ڪيو آهي تہ سندس سالي حاڪمزادي چانڊيو جي ڌيءَ حسينا ڪجھ مهينا اڳ جوابدار مير چانڊيو سان عدالتي پرڻو ڪيو هو، جڏهن تہ حسينا کي سندس مڙس مير چانڊيو ۽ ان جا گهر ڀاتي مارڪٽ ڪندا هئا، جنهنڪري هوءَ مڙس کي ڇڏي آئي ۽ عدالت ۾ پنهنجي مڙس مير چانڊيو کان طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. فرياديءَ موجب جوابدار حسينا جي طلاق واري معاملي تي ڪاوڙيل هئا، جنهن تي هنن سندس گهر تي حملو ڪري سندس زال مسمات صدوري، پٽ احسان چانڊيو ۽ سالِي حاڪمزادي چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.