ڪوٽڙي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن، 100 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽا، رهتون پيارڻ جي وارننگ

ڪوٽڙي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن، 100 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽا، رهتون پيارڻ جي وارننگ

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ بجلي چورن ۽ رهتون جمع نہ ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي شروع ٿي وئي، 100 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪٽيا ويا، باقيدارن کي جلد رهتون جمع ڪرائڻ جي وارننگ  ڏني وئي. مليل ڄاڻ موجب حيسڪو ڪوٽڙيءَ جي ايڪسيئن اختيار ميمڻ ۽ ايس ڊي او گلبهار اوڏ جي سربراهيءَ ۾ حيسڪو عملي پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان ڪوٽڙي شهر ۽ سائيٽ جي مختلف علائقن امير ڪامپليڪس، لطيف چونڪ، بابا صلاح الدين، اوٺا ڪالوني، خورشيد چونڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروائي ڪري بجليءَ جا اٽڪل 100 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا، جڏهن تہ حيسڪو عملي بجليءَ جون تارون پڻ ضبط ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي حيسڪو عملدارن باقيدارن کي جلد رهتون ادا ڪرڻ جي وارننگ پڻ ڏني. ان موقعي تي عملدارن چيو تہ بجليءَ جي چوري روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، جڏهن تہ باقيدارن کي رهتون ادا ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي، رهتون جمع نه ڪرايون ويون ته سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.