ڪوٽڙي ۾ به ”انتهاپسندي کان آجي سنڌ“ جو نعرو لڳي ويو، ادبي سنگت پاران ثقافتي تقريب
نومبر 30, 2024
ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي ۾ به ”انتهاپسندي کان آجي سنڌ“ جو نعرو لڳي ويو، ان ڏس ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي ڀٽائي ڪالونيءَ واري علائقي ۾ ڳاڙهو گهوٽ گرائونڊ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙيءَ پاران خوبصورت ثقافتي ميلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ادبي ميلي واري تقريب ۾ “ٻارڙن جو ڀٽائي” جي سري هيٺ ٿيل سيشن ۾ ٻارڙن ڀٽائي جا بيت ٻڌائي خوب داد ماڻيو، جڏهن ته تقريب ۾ مشاعرو پڻ ٿيو، جنهن ۾ شاعرن سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري نور چاڪراڻي، غلام رسول غرق، ديدار شام، صائب ميمڻ، آصف سيتائي، شاهد موسو، امر مشتاق، پنهل فقير، حبدار علي حبدار ۽ ٻين پنهنجي شاعري ٻڌائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو مزاحيا ٽوٽڪا ٻڌائي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جي چهري تي مرڪون وکيري ڇڏيون. راڳ رنگ جي محفل ۾ منظور سخيراڻي، سرمد اياز، سرور سخيراڻي، ساجد سنڌي ۽ ٻين قومي گيت ٻڌائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته قومي گيتن تي نوجوان رقص ڪندا رهيا. ان موقعي تي ثقافتي تقريب جي ميزبانن ديدار شام، ساقي منصور کوسو سميت نور چاڪراڻي، غلام رسول غرق، محمد يوسف جويو، ايڊووڪيٽ اختر ابڙو، ڀون سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي ۽ رواداري سنڌ جي خمير ۾ شامل آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جو ٻج ڇٽيندڙ قوتن کي ناڪامي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ رواداريءَ واري پنهنجي تاريخي فهم کان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندي. هنن چيو ته هو پهرين ڊسمبر تي “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي سڏ تي “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني عيد جيان ملهائيندا.