ڪوٽڙي ۾ به انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي نعري کي ڀرپور موٽ

نومبر 27, 2024

ڪوٽڙي (رپورٽر) “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي سرواڻ علي قاضيءَ جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ڪوٽڙيءَ ۾ پڻ “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪوٽڙيءَ جي برائيٽ سنڌ پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ خوبصورت ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين دعا زهرا، خديجا، اريشا اريبا، سڪينا شيخ، رباب گهرياڻي، عطيق ابڙو، عطيا ابڙو، حسيب پنهور، ارحم شيخ، ابوبڪر پٺاڻ ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، جڏهن ته سفيان شورو، قرت العين گهرياڻي، سميع ﷲ ڪلهوڙو ڪرن جانوري ۽ حسنين ملڪ “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ” سميت ثقافت بابت تقريرون ڪري خوب داد ماڻيو. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال انجنيئر نعيم ابڙو چيو ته هو پهرين ڊسمبر تي ڀرپور نموني ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائيندا ۽ دنيا کي ٻڌائيندا ته سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جي ڌرتي آهي ۽ هن سرزمين تي ڪنھن به قسم جي انتهاپسنديءَ جي ڪا به گنجائش ناهي.

Leave A Comment