| ڪوٽڙي ۾ نينگري سان مبينا زيادتي ڪوشش، 2 جوابدار گرفتار |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ نينگريءَ سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، الزام هيٺ آيل 2 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي شهر جي اناتاڻي پاڙي ۾ ٻن جوابدارن 11 ورهين جي نينگري طوبيٰ هنڱورو کي شيءِ وٺي ڏيڻ جي بهاني پاڙي جي هڪ ويران هنڌ تي وٺي وڃي ساڻس مبينا طور تي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، نينگري جي دانهن تي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن بعد نينگري طوبيٰ جي وارثن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس نينگريءَ جي وارثن جي نشاندهي تي ٻن جوابدارن مدثر لغاري ۽ صدورو چانڊيو کي گرفتار ڪري نينگريءَ جي ڀاءُ الهھ بخش هڱورو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.