ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿاڻي بولا خان جو رهواسي موٽر سائيڪل سوار نوجوان جڳديش پٽ مڪيش ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو مڙھ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن تہ پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
عمرڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ٽرالي سان 2 ماڻهو ماريندڙ ڊرائيور گرفتار، ڏوهه جو اعتراف
عمرڪوٽ(رپورٽر) ڍورنارو عمرڪوٽ روڊ پپري موري اسٽاپ ڀرسان 16 ڏينهن اڳ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ پوليس ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ورتي، گرفتار ڊرائيور ڏوه جو اعتراف ڪيو آھي تعلقه ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد حيات پنهور جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڳولا ۽ ڪوششن بعد موٽرسائيڪل سوار نوجوانن کي ٽڪر هڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ٽريڪٽر ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور يار محمد سمون ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آھي 16 ڏينهن اڳ ڍورنارو عمرڪوٽ روڊ پپري موري اسٽاپ ڀرسان ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ ڍورنارو شهر جا ٻه نوجوان مرتضي راڄڙ ۽ ذوهيب پٺاڻ فوت ٿيا هئا