| ڪوٽڙي ۾ پورهيت جي خوشي تي ڌاڙو، نياڻي جو ڏاج چوري |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي محمود شاھ ڪالونيءَ واري علائقي ۾ اڻڄاتل چور پورهيت احمد علي جي گهر مان سندس نياڻيءَ جي ڏاج لاءِ گڏ ڪيل 3 تولا چانديءَ جا زيور، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن تہ ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي ٽيليگراف پوليس چونڪيءَ تي چوريءَ جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پورهيت احمد علي ٻڌايو تہ هو رنگ جو ڪم ڪندو آهي ۽ مشڪل سان پائي پائي جوڙي هن نياڻيءَ جو ڏاج گڏ ڪيو، جيڪو چوري ٿي ويو آهي. هن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو تہ چورن کي گرفتار ڪري سندس نياڻيءَ جي ڏاج جو سامان واپس ڪرايو وڃي.