ڪوٽڙي ۾ ڪيو اي ٽي اڳواڻ شبير ساند قتل، ڳلو ڪپيل لاش هٿ، اوطاق تان چاقو مليو

ڪوٽڙي ۾ ڪيو اي ٽي اڳواڻ شبير ساند قتل، ڳلو ڪپيل لاش هٿ، اوطاق تان چاقو مليو

ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙيءَ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اڻڄاتل جوابدارن هٿان بيدرديءَ سان قتل، اوطاق مان ڳلو ڪپيل لاش مليو، مڙھ اسپتال منتقل، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي مسڪين ڪالونيءَ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ شبير ساند کي اڻڄاتل جوابدار گذريل رات دير سان سندس اوطاق ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن تہ ڪالھ صبح جو دير تائين گهر نہ اچڻ تي سندس وارث اوطاق ۾ ويا تہ کين شبير ساند جو تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپيل لاش مليو. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي قومي عوامي تحريڪ جا مقامي اڳواڻ توڙي ڪارڪن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن اڳواڻ ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ جاءِ واردات تي پهتا. هوڏانهن سائيٽ پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو مڙھ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن اسپتال ۾ مقتول جي ڀاءُ سڪندر ساند “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ شبير رات جو اوطاق ۾ سمهندو هو، جتي هن معذور ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اسڪول پڻ قائم ڪيو هو. هن چيو ته هو واقعي واري رات پڻ اوطاق ۾ ستل هو ته اڻڄاتل جوابدار سندس ڳلو ڪپي بيدرديءَ قتل ڪري فرار ٿي ويا. هن ٻڌايو تہ سندس ڀاءُ جي مٿي ۽ هٿن سميت جسم جي مختلف هنڌن تي ڌڪن جا نشان پڻ آهن. هن چيو تہ سندن ڪنهن سان بہ دشمني ناهي پر ڀاءُ ڪجھ ڏينھن اڳ ٻڌايو هو تہ ڪجھ ماڻهو کيس پريشان ڪري رهيا آهن پر هن انهن جا نالا نہ ٻڌايا، جنهنڪري خبر ناهي تہ اهي ڪير آهن. هن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو اٽڪل 6 ڪلاڪن کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ورتي. ڊي ايس پي ڪوٽڙي موجب شبير ساند جو قتل بلائينڊ مرڊر آهي، جنهن جون شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو تہ قاتلن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. ٻئي پاسي مقتول شبير ساند جي مڙھ جو ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽر خالد حسين موجب مقتول جو موت ڳلو ڪپجڻ سبب واقع ٿيو آهي، جڏهن تہ سندس هٿن، مٿي ۽ جسم جي ڪجھ ٻين حصن ۾ ڌڪن جا نشان پڻ موجود هئا. ٻئي پاسي پوليس ذريعن ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب مقتول شبير ساند جي اوطاق جي ڇت تان هڪ چاقو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب هٿ آيل چاقو جي فارنزڪ ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي مقتول شبير ساند کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن تہ جنازي نماز ۾ قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن امداد پنهور، اعجاز سومرو، خالد لاشاري، عبدالفتاح چنا، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ڪامريڊ شبير ساند جي قتل واري واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڪامريڊ شبير ساند کي ڳلو ڪپي انتھائي سفاڪانہ انداز ۾ قتل ڪيو ويو آھي. قاتل ڪنھن بہ ريت رحم جي لائق ناھن. وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪيو وڃي. جيستائين قاتل گرفتار نہ ٿيندا ان وقت تائين قانوني ۽ سياسي جدوجھد جاري رھندي.