لاهور(پنهنجي ڊيسڪ)پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو ۾ ڌماڪي ۾ ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
پنجاب پوليس موجب دائرا دين پناهه واري علائقي ۾ هڪ گهر ٻاهران ٺهيل ڪٻاڙ جي دڪان ۾ ڌماڪي سبب 5 ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ 3 عورتن به شامل آهن
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، شاهديون گڏ ڪري واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي