ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ باغات مالھي خوشحال پوري مندر ڀرسان مهمان ٿي آيل جوابدار پوپٽ ڪڇي پنھنجي زال گنگا کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو
عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. ڪوٽ غلام محمد پوليس ۽ فوتي عورت جي وارثن لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو. قتل ٿيل عورت گنگا جي پٽ تيرٿ ڪڇي صحافين کي ٻڌايو ته سندس والد جو دماغي توازن درست ناهي، گذريل 6 مھينن کان سندس علاج ھلندڙ ھو
مقتولا جي ڀاءُ نارائڻ ڪڇي ان سلسلي ۾ ٻڌايو سندس ڀيڻ گنگا ۽ ڀيڻويو پوپٽ گذريل ڏينهن منھنجي گھر آيا ھئا. ٻئي زال مڙس گڏ ستل ھئا. رات دير سان پوپٽ کيس مٿي ۾ ڌڪ ھڻي فرار ٿي ويو ۽ ڀيڻ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي
معلوم ٿيو آهي ته مقتولا گنگا چئن ٻارن جي ماءُ ھئي. آخري اطلاعن تائين نه قتل ڪيس داخل ٿيو ۽ نه وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو. ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش سندس ڀاءُ حوالي ڪيو ويو