ڪوٽ لالو: ٽيڻي قتل ڪيس ۾ نامزد ايس ايچ او پڪڙ ۾ نه آيو: ميڙاڪو: ڌرڻي جو چتاءُ

ڪوٽ لالو: ٽيڻي قتل ڪيس ۾ نامزد ايس ايچ او پڪڙ ۾ نه آيو: ميڙاڪو: ڌرڻي جو چتاءُ

فيض گنج/ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾مارجي ويل ٽن نوجوانن جي خون سان انصاف لاءِ تعزيت ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ميڙاڪي ۾ ٽن مقتولن عاقب شر، مولا بخش ۽ غلام مجتبيٰ شر جي قتل جي الزام هيٺ آيل ايس ايچ او کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ قانوني جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهريار خان شر، فقير سڪندر شر، خادم شر، وڪيل مظفر شر، غازي نجم الحق فاروقي ۽ ٻين چيو ته ٽن قتلن ۾ ايس ايچ او نور الدين کونهارو ملوث آهي، شهريار شر چيوته ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر مٿان ٽن قتلن جا الزام آهن اهو مونسان فون تي ڳالهائندو آهي شيراز شوڪت پاڪ ڪتاب تي صفائي ڏئي رهيو آهي ته هو قتلن ۾ ملوث نه آهي صفائي ڏئي ٿو جيڪڏهن هو صاف آهي ان سان ڪوبه جهيڙو نه آهي تعزيتي ميڙاڪي ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته سڀ کان پهرين ٽن قتلن جو جوابدار ايس ايچ او نور الدين کونهارو ۽سندس ساٿي گرفتار ڪيا وڃن ميڙاڪي ۾ طئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن ايس ايچ او نور الدين کونهارو گرفتار نه ٿيو ته احتجاج ڪرڻ سان گڏ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.