| ڪوٽ لالو: پورهيت نوجوان مبينا طور قتل: زميندار جي بنگلي مان گولي لڳل لاش هٿ |
ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجھو پورهيت نوجوان جو زميندار جي بنگلي مان گولي لڳل لاش هٿ، ڳوٺ عثمان ملو ۾ زميندار ظهير راڄپر جي بنگلي مان پورهيت نويد راڄپر جو گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته ظهير راڄپر وٽ ڪيترن ئي ورهين کان نوجوان مزدوري ڪندو هو، اسان کي اطلاع ڏنو ويو ته نوجوان جو بنگلي ۾ لاش پيل آهي، وارثن موجب اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، نوجوان مزدوري ڪري گهر هلائيندو هو، کيس قتل ڪيو وي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڪوٽ لالو پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جو لاش ۽ پستول هٿ ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن زميندار ظهير راڄپر جو چوڻ هو ته آئون ڳوٺ موجود نه هئس، خبر ناهي نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو آهي يا خودڪشي ڪئي اٿس.