| ڪوٽ لالو ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر تي ڪوريج ڪرڻ تان تشدد |
فيض گنج(ن پ ا) ڪوٽ لالو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر رياض خاصخيلي کي ڪوريج دوران بااثرن تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي صحافي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان رياض خاصخيلي ٻڌايو ته آرائين ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هيو، ڪوريج جي لاءِ پهتس ته بااثرن بنا جواز ڪوريج کان روڪي تشدد جو نشانو بڻائي موبائيل فون ٽوڙي ڇڏي، اطلاع باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڪوٽ لالو پوليس جو چوڻ هو ته هڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪنداسين.