ڪوٽ لالو ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ 3 ڄڻا ماريندڙن کي بچائڻ جي ڪوششن، پ پ ايم پي اي جو ميڙ

ڪوٽ لالو ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ 3 ڄڻا ماريندڙن کي بچائڻ جي ڪوششن، پ پ ايم پي اي جو ميڙ

فيض گنج/ڪوٽ لالو (رپورٽ: رياض سولنگي/رياض خاصخيلي) ڪوٽ لالو ۾ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن نوجوانن عاقب شر، غلام مجتفي شر ۽ مولا بخش شر جي وارثن وٽ ڳوٺ حڪيم علي نواز شر ۾ ميڙ منٿ قافلو پهتو، ٽن مقتولن جي وارثن پاران ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر  مٿان الزام لڳايو ويو هو، جنهن بعد پيپلز پارٽي ايم پي اي جي حمايت ۾ ميڙ مينٿ قافلو پهتو، ميڙ منٿ قافلي ۾ مختلف درگاهن جا گادي نشين، مختلف برادرين جا چڱا مڙس، اڳوڻو پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، درگاهه حاجي حسين شاهه جيلاني جو گادي نشين سيد جيئل شاهه جيلاني، درگاهه سچل سرمست جو گادي نشين عبدالحق فاروقي، سيد بچل شاهه،  درگاهه جمن شاهه جو گادي نشين رقن الدين هاشمي، پرويز ڏاهري، مسرور راڄپر ، فقير سڪندر شر، معشوق شاهه،  وڪيل ڪليم الله شر ،وڪيل مظفر مصطفيٰ شر ۽ٻيا اڳواڻ شامل هئا. منٿ ميڙ قافلي جي اڳواڻن پاران مقتولن جي وارثن محمد صديق شر، عبدالباري شر، الله بخش شر، عبدالباقي شر، غازي نجم الحق فاروقي ۽ ٻين سان ڳالهائيندي چيوته واقعي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، پوليس بيگناهه ٽن ماڻهن کي ماريو جيڪو انتهائي غلط عمل آهي، ٽن قتلن جو الزام ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر مٿان لڳايو ويو وڃي اسان ميڙ منٿ ڪري اوهان وٽ پهتا آهيون جيڪڏهن شيراز شوڪت راڄپر ڪٿي به واقعي ۾ ملوث نڪري ٿو ته اسان برادري پلاند ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جنهن تي مقتول جي وارثن محمد صديق شر،  الله بخش شر، عبدالباري شر ۽ ٻين پاران چيو ويو ته پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي، اسان جا ٽي نوجوان ماريا ويا آهن، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي آهي، هنن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيوته هڪ هفتي تائين اسان کي مهلت ڏيو ته اسان برادري جي ماڻهن جيڪي واقعي بعد اسان سان ماڻهو گڏ هئا انهن سان صلاح ڪرڻ بعد اوهان کي جواب ڏينداسين، ان سلسلي ۾  ميڙ منٿ قابلي  ۾ شامل اڳواڻن ڳالهائيندي چيوته متقولن جي وارثن پاران سٺي موٽ ڏني وئي آهي، اميد آهي ته اڳتي به ڀلائي ٿيندي، هنن چيوته ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر مٿان الزام لڳايا پيا وڃن اسان سڀ ان جي حمايت ۾ پهتا آهيون، اگر ان مٿان ملوث هجڻ وارا الزام ثابت ٿين ٿا ته اسان شر برادري کي هر طرح جو فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. واضع رهي ته ڪجهھ وقت اڳ ۾ ڪوٽ لالو جي اڳوڻو ايس ايڇ او نور الدين کونهارو ٽن نوجوانن کي مبينا گهرائي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ٽنهي نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، انصاف لاءِ وارثن ۽مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ٽي ڏينهن مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو لڳايو هو پر هن مهل تائين  واقعي ۾ ملوث اهلڪارن توڙي پرائيويٽ ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي.